عطيه فيضي

عطيه فيضي

عطيه فيضي

عطيه فيضي: نامياري ليکڪا ۽ موسيقيءَ ۽ فنون لطيفه جي ڄاڻُو، عطيه فيضي، پهرين آگسٽ 1877ع ۾ استنبول ۾ پيدا ٿي، جتي سندس والد حاجي حسن علي آفندي، ڪاروبار جي سلسلي ۾ رهائش پذير هو. عطيه بيگم کي ننڍيءَ ڄمار کان ئي لطيف فنن سان تمام گهڻي دلچسپي هئي، جنهن سبب هن لارڊ ڪرزن ۽ رابندرناٿ ٽئگور تائين رسائي حاصل ڪئي. هوءَ 1906ع ۾ يورپ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وظيفو حاصل ڪندڙ ننڍي کنڊ جي پهرين مسلمان ڇوڪري هئي. اپريل 1907ع ۾ هائيڊل برگ ۾ سندس ملاقات علامه اقبال سان ٿي. علامه اقبال سندس شخصيت کان تمام گهڻو متاثر ٿيو. ٻنهي وچ ۾ خطن لکڻ جو سلسلو هلندو رهيو. جيڪي خط پوءِ وري ‘اقبال از عطيه بيگم’ جي نالي سان شايع ٿيا. نامياري شاعر شبلي نعماني، عطيه بيگم جي شخصيت تي 25 شعرن جو قصيدو لکيو. 1913ع ۾ هڪ يهودي مصور فيضي رحمين اسلام قبولي عطيه بيگم سان شادي ڪئي. جنهن بعد هوءَ عطيه فيضي جي نالي سان مشهور ٿي. عطيه کي موسيقيءَ سان بيحد لڳاءُ هو. موسيقيءَ جي سکيا استاد نظير خان کان حاصل ڪيائين. بمبئي ۾ ‘آرٽ سرڪل’ نالي هڪ ادارو کوليو هئائين. ان کان سواءِ موسيقيءَ جي موضوع تي ٻه ڪتاب ‘هندستاني موسيقي’ ۽ ‘هندستاني سنگيت’ نالي سان لکيا اٿس. ورهاڱي کانپوءِ لڏي اچي ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير ٿي. هن زندگيءَ جا آخري ڏهاڙا تمام غربت واري حالت ۾ گذاريا. هن 4 جنوري 1967ع تي وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ جي ميوا شاهه قبرستان ۾ سليماني بوهري جي احاطي ۾ دفنايو ويو. 29 مارچ 1967ع تي سندس وڏي ڀيڻ هزهائنس ليڊي نازلي رفيعا سلطان آف جنجيره پاران ڪراچيءَ ۾ ڊينسو هال ۾ ‘فيضي رحمين آرٽ گئلريءَ’ جو افتتاح ٿيو. ان آرٽ گئلريءَ ۾ فيضي رحمين جون ٺاهيل ڏيڍ سئو تصويرون، عطيه فيضي جون لکيل ڊائريون، کيس مليل بين الاقوامي اوارڊ، مشاهيرن پاران لکيل يادگار تحريرون ۽ ٻيا کوڙ سارا قيمتي نوادرات رکيل آهن.


لفظ عطيه فيضيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1877.08.01  عيسوي

نامياري ليکڪا ۽ موسيقيءَ ۽ فنون لطيفه جي ڄاڻُو، عطيه فيضي، پهرين آگسٽ 1877ع ۾ استنبول ۾ پيدا ٿي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد شفقت حسين موسوي
پاٽينجر هينري
عبدالسلام ٿھيم
پليجو عبدالحئي
امداد محمد شاهه
اسرار لغاري
طريل تاج محمد
صالح حاجاڻو
شيخ سليمان سيفي سنڌي
الهه رکيو ڳورڙ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون